سنڌ ۾ آفيسون، اسڪول، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا پکيڙ روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري آفيسن کي بند ڪرڻ جوفيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سيڪريٽريز پنهنجو ضروري اسٽاف آفيس ۾ گهرائيندو ۽ باقي اسٽاف گهرن مان ڪم ڪندو، ٻئي طرف سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪڏهن عوام ذميواري جو مظاهرو نه ڪندو ته حڪومت وٽ سخت ايڪشن وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي، مرتضيٰ وباب چيو آهي ته ، 29 اپريل کان انٽرسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي، جيلن ۾ قيدين سان ملاقات تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي، ريسٽورنٽس ۾ اندر ۽ ٻاهران کاڌو کائڻ تي پابندي هوندي، رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، شاپنگ مالز شام ڇهين وڳي بند ڪيا ويندا، ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ سمورا ڪاليجز،اسڪولز ۽ يونيورسٽيز ڪورونا جي ڪري بند رهنديون، جڏهن ته آفيسن ۾ 20 سيڪڙو ضروري عملي کي گهرايو ويندو. صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو بريفنگ دوران چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ 453 بيڊز وينٽي ليٽرز سان گڏ خالي پيل آهن، 47 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، اوجها، ٽراما سينٽر ۽ گمبٽ اسپتال جا پنهنجا آڪسيجن پلانٽس قائم ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو