ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نوان مقرر ٿيل استاد عيد تي به پگهارن کان محروم رهندا.اڪائونٽنٽ جنرل ڪراچي ۾ نون مقرر ٿيل استادن جي پگهارن جي ادائيگي بابت اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. هدايتن موجب ايس ايس ٽي گريڊ 16 ۽ سبجڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ 17 جي پگهارن جي جاري ڪرڻ تي پابندي آهي.اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ موجب اسڪولن ۾ اضافي استادن جي ڀرتين جي ڪري پگهارون جاري نه ڪيون وينديون. اهڙن استادن جو تعداد 3000 آهي جيڪي عيد تي پگهارن کان محروم رهندا، جڏهن ته خلاف ورزي جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.اي جي سنڌ سڀني ضلعي اڪائونٽس آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي، نون مقرر ٿيل استادن جون پگهارون خالي عهدي جي تصديق کان پوءِ ئي جاري ڪيون وينديون.سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي جو چوڻ آهي ته استادن کي انهن جي پسنديده جڳهن تي پوسٽ ڪرڻ سبب هي مسئلو پيدا ٿيو آهي. ڀرتيون اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون، جڏهن ته گهڻا استاد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوسٽ ڪيا ويندا آهن.










