ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي مون سون جي برساتن بابت نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سڀاڻي کان 18 جولاءِ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائزري موجب اڄ ڪراچي ۾ موسم جزوي طور تي خشڪ رهندو ۽ شام يا رات تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ خميس تي گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي.










