سنڌ ۾ بيو ٽي پارلر،شادي هال،مزارون ۽ پارڪ بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عالمي وبا ڪورونا جي ڪري بيوٽي ​​پارلر ، شادي هال ، مزارون  ۽ پارڪن کي وڌيڪ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ سرڪار ڪورونا ايس او پيز بابت هڪ نئون آرڊر جاري ڪيو آهي جنهن تحت سينما ، بيوٽي پارلر ، شادي هال ، مزار ، پارڪ بند رهندا جڏهن ته راندين جي سرگرمين تي  به پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسن جي ڪم جو وقت مقرر ٿي چڪو آهي ۽ ڪاروبار جو وقت صبح 6 کان شام 8 وڳي تائين هوندو جڏهن ته صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو ، سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملو ڪم ڪندو نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته رات 12 وڳي تائين هوٽل ۽ ريسٽورنٽ لاءِ ڪاروبار جي اجازت هوندي جڏهن ته ڊائن اِن ٽيبل سروس تي به پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب ، حڪم 31 مئي تائين لاڳو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو