سنڌ ۾ به ڪورونا جا وار جاري لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ 3 مريض فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به ڪورونا جا وار جاري، لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ ٽن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي ، فوتين ۾ قمر الدين ۽ محبوب ڀٽو شامل، 19 مريض آءِ سي يو منتقل، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ٽنڊو الهيار واسي ڪورونا مريض فوت، 65 سالن جي فقير محمد جو لاش ڪورونا ايس او پيز تحت وارثن حوالي، ڪورونا جي ٽئين لهر ٻارن لاءِ به خطرناڪ ٿيڻ لڳي، اين سي او سي موجب هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، فوتي ٻارن جي عمر هڪ کان 10 سالن تائين هئي، پيپلز پارٽي طرفان ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لڳائڻ ۽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو