سنڌ ۾هڪ هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا اهم آفيسرن جون بدليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف اهم سرڪاري آفيسرن جا 1 هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا بدلي ڪيا ويا آهن.اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري سنڌ ڪاظم جتوئي کي هڪ هفتي اندر ٽيون ڀيرو بدلي ڪيو ويو.جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪاظم جتوئي کي گذريل ڏينهن توانائي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو.پهرين ڪاظم جتوئي کي فنانس ڊپارٽمينٽ تان هٽائي آبپاشي کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ کيس آبپاشي کاتي مان هٽائي سروسز کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو.هڪ ٻئي سرڪاري آفيسر بدر جميل مندو کي ٻن هفتن اندر پهرين ڪوآپريشن ڊپارٽمينٽ ۽ پوءِ سيڪريٽري ٻيلي مقرر ڪيو ويو.ياسين شر بلوچ کي گذريل ڏينهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو هو.رات دير سان ياسين شر کي هٽايو ويو ۽ راشد سولنگي کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊي جي مقرر ڪيو ويو.ذريعن موجب ڪيترن ئي ضلعن جي ايس ايس پيز کي به ڪجهه ڏينهن کانپوءِ عهدن تان هٽايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو