ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي حوالي سان وفاقي حڪومت مٿان شديد تنقيد ڪندي سي جي لنڪ ڪينال بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نااهل پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جو ڪيس وڙهيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت مجبور ٿي تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪينال بند ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارسا واحد ادارو آهي جيڪو واٽر اڪارڊ تحت پاڻي جي ورڇ جي نگراني ڪري ٿو. پاڻي ورڇ ۾ سندن من مانيون نه هلنديون، هن چيو ته منگلا ڊيم کي طئي ٿيل تڪراري فارمولي کان وڌيڪ ڀرڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيو، نوبت اها آهي جو سکر بيراج ۾ پاڻي 27 سيڪڙو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي 44 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب گڊو بئراج مان پاڻي جي فراهمي منقطع ٿي وئي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصفاڻي ورڇ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، عمران خان سنڌ جي هيٺين حصن کي صحرا ۾ بدلائي ڇڏيو، آهي، ڪراچي ، ٺٽي ، سجاول ، بدين ۽ ٿرپارڪر جو پاڻي بند ڪري پي ٽي آءِ حڪومت سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو حل نه ڪڍيو ويو ته ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29