واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪريو، هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حد دخلين خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏنا ته واڌو واهه ۾ پالاري ڳوٺ کان سنڌو دريا جو پاڻي وهندو هو، جيڪو شهري پيئڻ ۽ زمينن لاءِ استعمال ڪندا هئا، پونم چوڪ کان باءِ پاس تائين واڌو واهه جي ٻنهي پاسن تي غير قانوني قبضا ٿيل آهن، جڏهن ته واهه ۾ هاڻي شهري توڙي ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا ڊريينج نالن جو گندو پاڻي ڇوڙ پئي ڪري، عدالت چيو ته واڌو واه ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ فوري طور بند ڪري انتظاميا مستقل بنيادن تي شهرين لاءِ ڊرينيج جو بندوبست ڪري، وڪيل چيو ته پڪي قلعي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ايڇ ايم سي پاران ليز تي ڏنل سرڪاري ملڪيتن تان شهري توڙي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو قبضو ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ڊي سي جي عدالت کي آگاهي ڏني ته ايڇ ايم سي انڪروچمينٽ لاءِ سهڪار نه ٿي ڪري نه ئي سرڪاري ملڪيتن بابت لسٽون فراهم ڪيون پيون وڃن، ايڇ ايم جو وڪيل چيو ته شهرين کي ليز قانوني طريقي سان عملدارن ڏني گهر ۽ دڪان ٺاهي ويٺل شهرين وٽ نقشا ۽ ڪاغذ موجود آهن، عدالت حڪم ڏنو ته 1943ع کان 1946ع تائين جيڪا سرڪاري ايراضي نقشن ۾ وڪرو ٿيل آهي ان کي نه في الحال نه ڊاهيو وڃي، باقي جيڪا به سرڪاري ايراضي نقشن ۾ ناهي ان کي ڊاهڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي، ان موقعي تي هڪ شهري عدالت کي آگاهي ڏني ته لياقت ڪالوني, مصطفا پارڪ سميت ڪيترائي فٽ پاٿ بلديا عملدارن وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، شهر ۾ ڪو تفريحي ماڳ نه بچيو آهي جو ٻارن کي گهڙي کن تفريح لاءِ وٺي وڃون، جسٽس ذوالفقار احمد خان ريمارڪس ڏنا ته هتي جيڪا انڪروچمينٽ ڊاهڻ جو حڪم ڏيون ٿا ان جي ليز ۽ نقشو کڻي وڪيل عدالت پهچي وڃن ٿا، هر اداري کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم نظرانداز نه ڪرڻ گهرجن جيئن شهر مان انڪروچمينٽ جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو