سنڌ حڪومت شاگرد يونين جي بحالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ها ڳالهه قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن چيو ته وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ان باري ۾ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ بل جي مسودي جي ڪابينا مان منظوري بعد بل اسمبلي ۾ پيش ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايت بعد قانون واري وزارت م بل جي مسودي بابت مشاورت به ٿي  ۽ مسودي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت شاگرد يونين تان بندش هتائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو