سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري حڪم کي پوليس ٿڏي ڇڏيو

ڪراچي (باغي ساگر پنھوار ) سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري حڪم کي سائٽ سپر ھائي وي پوليس ٿڏي ڇڏيو، فقيرا ڳوٺ ۾ لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿي سگھيو، فقيرا ڳوٺ جي مارڪيٽ آر بلاڪ مڪمل طور کليل رھيو، پوليس غائب مين روڊ تي به دڪاندار اڌ شٽر کولي ويٺا رھيا .يوسي 31 جي فقيرا ڳوٺ ۾ سائٽ سپرھائي وي ٿاڻي جي پوليس ايسوپيز تي عمل نه ڪرائي سگھيو، R بلاڪ مارڪيٽ مڪمل طور کليل رھيو، ڪپڙي چوڙين سان گڏ بازار جا سڀ دڪان کليل رھيا، پوليس فقيرا ڳوٺ جي مين بازار ۾ چڪر ھڻي دڪاندارن کي چئي نڪري وئي سڄو ڏينھن خريدار خريداري ڪندا رھيا، ذرين کان معلوم ٿيو ته پوليس سان مارڪيٽ جي معززن پوليس سان ڊيل ڪري رشوت ايوز اجازت وٺي ڇڏيو، پوليس مطابق سڀ گڊ جي رپورٽ سان پنھنجا بڀ ڀري ڇڏيا، لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪرونا وبا ڦيلجڻ جو خطرو وڌي ويو، حڪومت سنڌ، آء جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي نوٽيس وٺي لاڪ ڊائون تي قابو آڻي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو