سنڌ جي ٻن سينئر پوليس آفيسرن خلاف نيب جي ڪاروائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نیب جي ريجنل بورڊ جو اجلاس، ڊي جي نيب نجف قلي مرزا جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ حيدرآباد پوليس ۾ 378 اھلڪار ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي پير فريد جان سرھندي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدرجمالي ۽ ٻين خلاف ھلندڙ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڄامشورو ۾ ايجوڪيشن سٽي جي بلڊرن ۽ روينيو آفيسرن خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب بلڊرن روينيو آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري 132 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو هو.جوابدارن قومي خزاني کي ساڍا 26 ڪروڙ جو نقصان ڏنو. جوابدارن سرڪاري زمين تي قبضو ڪري غيرقانوني ھائوسنگ اسڪيم متعارف ڪرائي. نيب اجلاس ۾ عبدالستار لغاري جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو