سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاءِ ڌار ڌاراحتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر، عملي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي ته ڪٿي استاد نه هئڻ سبب اسڪول بند آهن. اهڙن ئي اسڪولن مان ڳوٺ دوست محمد بلو جو پرائمري اسڪول، لاکا روڊ جو ڳوٺ بادل راڄپر۽ پرائمري اسڪول ڳوٺ اوڀايوفقيرڳاھو جا اسڪول به شامل آهن، جيڪي بند پيا آهن. عادلپور مان اسلم آزاد موجب تعليم کاتي جي اختيارين جي بي ڌياني سبب ڳوٺ دوست محمد بلو جو گورنمنٽ  پرائمري اسڪول بلڊنگ ،چوديواري،باٿ روم ڊھي پٽ پئجي ويا ،پيئڻ جي پاڻي،فرنيچر، بجلي استادن جي کوٽ  سميت ڪيترن ئي ٻين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي ڳوٺ ۾ اڌ صدي اڳ قائم ڪيل گورنمنٽ  پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ڪا به مرمت نه ٿيڻ ڪري  بلڊنگ مڪمل زبون حال ٿي وئي آھي  جنھن سبب  اسڪول  گذريل ڇھن مھينن کان بند پيو آھي  جنھن ڪري اسڪول ويران ۽ ڀوت بنگلو جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. استاد عبدالمنيم بلو شاگردن توڙي شاگردياڻين ڪتاب ھٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاھرو  ڪيو. *** لاکا روڊ مان اظھر جلباڻي موجب ڳوٺ بادل راڄپر ۾ گورئمنٽ بوائز پرائمري اسڪول گذريل 6 مھينن کان بند ڳوٺاڻن ۽ شاگردن  جو اسڪول بند ھجڻ خلاف احتجاج.

ڳوٺاڻن بادل راڄپر برڪت راڄپر ۽ غلام سرور راڄپر سڪندري صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 80 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪنديون ھيون ۽ استاد اعجاز راڄپر پڙھائيندو ھو پر استاد جي آئي ڊي بند ھجڻ ڪري  استاد کي پگھارون ن ملي رھيون ھيون جنھن جي ڪري استاد اتان ھليو ويو. ڳوٺاڻن وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته بنا دير ڳوٺ بادل راڄپر ۾ استاد مقرر ڪري اسڪول کوليو وڃي ۽ اسان جي ٻارن جو مسقبل بچايو وڃي. ****سانگهڙ ضلعي جي شهر ورڪشاپ مان اياز علي شر موجب گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ اوڀايوفقيرڳاھو ڪافي وقت کان بند پيل آهي، 5و کان وڌيڪ ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي. استاد نه ھجڻ ڪري چوپايومال چارڻ تي مجبورڳوٺاڻن محمدحسن ڳاھومحمدرحمان ڳاھو,محمدرمضان ڳاھو,,ميرحسن ڳاھو۽ ٻين سنڌيار سان ڳالھائيندي چيوتـ اسان جواسڪول ٻھراڙي جي ڪري نظراندازڪيوپيووڃي ھتي ويجھوڪوبـ اسڪول ناھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو