حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ عبدالقادر رانٽو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ جا قدرتي وسيلا مال غنيمت ناھن. ڪارونجھر سميت سنڌ جا ٻيٽ، گورک، کيرٿر، موھن جو دڙو ۽ اھڙا ٻيا سمورا تاريخي، ثقافتي ماڳ سنڌي عوام جي قومي ملڪيت آھن. ڪارونجھر سنڌي قوم جي گڏيل ملڪيت آھي. ڪارونجھر سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل ڪنھن بہ وزير، مشير ۽ وڏيري جي جاگير ناھي. ڪارونجھر سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ جو اھڃاڻ آھي. ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي سنڌ جي تھذيبي تاريخ ميسارڻ جو ناپاڪ منصوبو آھي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ حڪومت جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس سنڌ حڪومت جي سنڌين جي قدرتي وسيلن مٿان ميري اک کي ظاھر ڪري ٿي. شرجيل ميمڻ سنڌ جي قدرتي وسيلن کي وڪڻڻ جو اعلان ڪري ڪروڙين سنڌين جي جذبن سان راند ڪئي آھي. شرجيل ميمڻ سميت سنڌ حڪومت يا سنڌ ڪابينا جي ڪنھن بہ ميمبر کي اھو مينڊيٽ ناھي مليل تہ ھو سنڌ جا قدرتي وسيلا، سنڌ جا تھذيبي، ثقافتي ماڳ وڪڻي. اڳوڻن چيو تہ سنڌ حڪومت ڪارونجھر سميت سنڌ جي تھذيبي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن کي وڪڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌي قوم سنڌ حڪومت جي ان ناجائز ۽ غيرقانوني ۽ غيراخلاقي منصوبي کي ڪڏھن بہ پورو ٿيڻ ڪو نہ ڏيندي. موھن جي دڙي کان وٺي کيرٿر ۽ گورک ۽ ڪارونجھر تائين سنڌ حڪومت نہ رڳو تاريخي ماڳن پر سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي بہ وکر جو مال بڻائي ڇڏيو آھي. عوامي تحريڪ سنڌ حڪومت جي اھڙي عمل جي مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿو ڪجي تہ ڪارونجھر سميت سنڌ جي قدرتي وسيلن، مال ملڪيت، ٻيٽن، تاريخي ثقافتي ماڳن کي وڪرو ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار بند ڪري انھن سمورن کي سنڌي قوم جي گڏيل قومي مليڪت تصور ڪري سنڌ اسيمبلي مان اھڙو ايڪٽ پاس ڪيو وڃي ۽ انھن قدرتي وسيلن، ماڳن تي ميري اک رکندڙ ھر قبضا گير خلاف فوجداري قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن.
