سنڌ جا اعتراض رد، ارسا جو پنجاب جي حق ۾ فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو احتجاج نظرانداز، ارسا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر 3 رُخي فارمولا تحت پاڻي جي ورڇ ڪرڻ جو فيصلو. پنجاب کي ٻيهر تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٽي پي ڪئنال وهائڻ جي اجازت ڏني وئي. پنجاب ۽ سنڌ جي حصي مان 5 سيڪڙو ڪٽوتي بعد سنڌ کي روزانو هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي مهيا ٿيندو، پنجاب کي هڪ لک 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو ملندو، ارسا چيئرمين رائو ارشاد جي صدارت هيٺ اجلاس دوران سنڌ جي ميمبر طرفان پاڻي جي ورڇ کي غيرقانوني قرار ڏيندي اعتراض ڪيو ۽ تڪراري ڪئنالز به بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجو چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ باوجود پنجاب کي تڪراري فلڊ ڪينال کولڻ جي اجازت ڏيڻ غير قانوني آهي. هن چيو ته اهڙن فيصلن سان وفاق کي نقصان پهچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو