سنڌ اندر ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريبون منعقد

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ ثقافتي تقريب، ٽيبلوز، ٻارڙن طرفان نمائشي ماڊل، سنڌي گيتن تي جهمريون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا. سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق خانگي اپوا اسڪول ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين ماحولياتي تحفظ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ماڊل سميت روزاني وهنوار ۾ استعمال کانپوءِ ضايع ٿيندڙ شين مان ساديون ايجادات ٺاهڻ، گهريلو هنر، بجلي بچت جي ماڊلن سميت ٻين سائنسي ماڊلن جي نمائش لڳائي، جنهن جو مقصد اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارڙن طرفان پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ هو. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس وڳا پهري لوڪ سهرن جهڙو گهوٽ تهڙي ڪنوار، لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾، لڏي ٿو انبن جي ٽامين منجهه سميت سنڌي ماڻهو سنڌ جا ۽ هوجمالو جي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪندي جهمريون ۽ رقص هڻي ماحول مهڪائي ڇڏيو ثقافتي تقريب دوران مختلف ثقافتي کاڌن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا.

تقريب ۾ چيئرپرسن ميڊم حجاب کوسو، پرنسپال ميڊم عابده، ميڊم حميده ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته تعليم اڃ اجهائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذهني صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ خاص ۽ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ گهرجن، ڇو ته انهي عمل سان شاگرد پنهنجا خيال ظاهر ڪندي سماجي تاج ڀيٽي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بابت عملي نمونو پيش ڪن ٿا. ***  لاڙڪاڻي مان عبدالوحيد ابڙو مطابق چائلڊ رائيٽس ايڊووڪيسي نيٽ ورڪ انڊس ڊولپمينٽ سوسائٽي ۽ آءِ آر سي پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ وٽان هڪ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ريلي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سيد جاويد شاھ، بلقيس چانڊيو، نثار مغيري، توحيد الله ڪلهوڙو، ثناء الله عتيق، قادر بخش ڪمانگر ۽ ٻين چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان گهر ڪريون ٿا ته هڪ ڪروڙ ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، جڏهن ته ٻارن جي جبري پورهيو ٻارن جو اغوا، ٻارن جو جنسي تشدد، ٻارن کي قتل ڪرڻ ۽ هر قسم جو تشدد ڪرڻ بند ڪندي معصوم ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

*** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان ساڍا 12 سال اڳ اغوا ٿي ويل 8 ورهين جي معصوم نينگري فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي قيد ۾ باندي بڻايل آهي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو ان عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پڻ نينگري فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي قيد ۾ گذاريو جنهن کي انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي جي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پڻ نينگري جي والد عبدالرزاق سرڪي ٺل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته عيد هجي يا والدين جوعالمي ڏهاڙو يا مائرن جو عالمي ڏهاڙو يا ٻارن جو عالمي ڏهاڙو اسان سدائين نينگري جي ياد ۾ گذاريندا آهيون ساڍا 12 سال گذري وڃڻ باوجود انتظاميه اسان جي نينگري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي رڳو خالي ڏٽا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن. هن ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مطالبو ڪيو ته منهنجي نينگري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو