سنڌ ۾ مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت، 25 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا ۽ ٻيا واقعا پيش اچڻ ڪري 2 ڄڻا فوت ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن فوتي ۽ زخمين کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻچڙو موڙ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ڇٽو ڊول جو رهواسي مريد لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي سبب ساڻس سوار زال شائسته خاتون پنهنجي 6 مهينن جي معصوم ٻار خان لاشاري، ڳوٺ نورواهه جي رهواسين محمد عثمان بروهي، الف بروهي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي ڪري زخمين کي ٺل جي سول اسپتال آندو،جتي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو آهي. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. *** مدئجي مان نويد احمد دل مطابق ڳوٺ دين محمد بروھي ۾ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا. زخمين ۾ مسمات بختاور، اسماعيل، شريف، عمران محبوب بروھي شامل آهي.

ٻئي طرف  مدئجي پوليس پھچي زخمين اسماعيل، شريف، عمران محبوب سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. زخمي عورت مسمات بختاور خاتون ٻڌايو ته منھنجو مڙس ڪجھ مھينا اڳ مري ويو آھي پر ان جي زمين تي انھيءَ جي ڀائيٽن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اڄ صبح  اسان زمين تي ٿريشر ھلائي رھيا ھئا ته لٺيون ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو آھي. ٻئي طرف ايس ايڇ او مدئجي بھاردين ڪيريو ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين جا ٻه ٻه ڄڻا گرفتار ڪري لاڪپ ڪيا آھن ۽ ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان اين سي داخل ڪرائي آھي. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق رسول آباد رائيس ڪئنال ڪڙ جي رهواسين پاران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيل پيرسن جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ محبوب مگسي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ايريگيشن عملي پاران گهر خالي ڪرڻ لاءِ اسان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نوٽيس ڏسڻ سان ئي اسان جي پيرسن 60 سالا معشوق مگسي کي دل ۾ دورو پئجي ويو ۽ هو فوت ٿي ويو آهي. ٻئي طرف تعلقي ٿاڻي جي حد درگاھ يوسف شاھ جيلاني وٽان ٽن نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن رشيد وڳڻ لڳ ڳوٺ خيرو مهاڻو جي رهواسي منظور علي وڪو ۽ شمن علي وڪو جو اڳ وٺي سندن کان 2 لک 40 هزار روپيا ڦر ڪيا، جڏهن ته ڳوٺاڻن طرفان اهڙي واقعي تي ڦورن سان مذمت ڪئي، جنهن تي ڦورن پاران سندن مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڳوٺاڻو منظور علي وڪو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين ۽ حد جي ٿاڻي جي پوليس کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو، جتي ڦورن پاران زخمي ڪيل ڳوٺاڻي جو علاج ڊاڪٽرن طرفان هلندڙ آهي.

هوڏانهن دڙي ٿاڻي جي حد وڏي پل وٽ تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي موٽرسائيڪل تي سوار 3 نوجوان علي اصغر ڏيٿو، مدثر شاھ ۽ هڪ نامعلوم نوجوان سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي شعبه حادثات ۾ آندو ويو، جتي حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوانن کي ڊاڪٽرن طرفان طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي. جڏهن ته ٻنهي موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان گاڏيون تيز هلائي رهيا هئا. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق پي ايس جھلو وٽ رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ يوسي سيال جا رھواسي مينگھي زال رامشي ۽ گھنشام پٽ رام شي سخت زخمي ٿي پيا جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال دادو داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف ڳوٺ گل پنهور جا رھواسي ملڪيت تان ڀائر وحيد پنهور، حفيظ پنهنور، محمد خان پنهور، سعيد پنهور ھڪڙي ڀاءُ مختيار پنهور پٽ حاجي مير پنهور سان وڙھي پيا ڏنڊا ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي پڻ علاج لاءِ سول اسپتال دادو داخل ڪيو ويو آهي. *** داد لغاري مان نديم مهر مطابق  شهر جي رھواسڻ ڪوڙي ٻائي پنهجي پٽ گيان ڇند سان گڏجي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته منھنجو مڙس سکو جيڪو 10 سال اڳ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي فوت ٿيڻ بعد منهجا ڏير جيور ،نوتن جي ۽ ٻيا منهجي گهر ۽ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ گذريل 3 سالن کان اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي لڏائڻ لاءِ اسان مٿان هرروز تشدد ڪن ٿا  ۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن هن چيو ته اڄ اسان عدالت سڳوري حاضري تي ويل هياسين ته اسان جي غير موجودگي ۾ جيور ۽ نوتن جي ڌر وارن گهر تي حملو ڪري منهجي ڌي درشني مينگهواڙ کي سخت مارڪٽ ڪري انهي مٿان ڇرين جا وار ڪري انهي کي رتورت ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو آهي اطلاع ڏيڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود داد لغاري پوليس اسان سان انصاف ڪرڻ بدران الٽو اسان مٿان لڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي.

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي حملي الزام هيٺ آيل ڌر  جي نوتن جي ٻڌايو ته مخالف پاڻ بليڊن جا جهير ڏيئي درشني کي زخمي ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا اسان ڪوبه حملو نه ڪيو آهي. *** سکر مان جيرام داس مطابق روهڙي ڀرسان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو گهرن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي گولي لڳڻ سبب 7 سالن جي ٻارڙي دلشاد ڌيءَ رحمت الله چاچڙ شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق ڳوٺ انڙو ۾ چلهه ڀرسان ستل ٻارڙي نظيران باهه لڳڻ ڪري سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڏيپلو تعلقه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻارڙي جي والدين موجب ٻارڙي جي امڙ صبح سوير سيءَ کان بچڻ لاءِ ٻارڙي کي چلهه ڀرسان سمهاري ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪتي ته ٻارڙي کي چلهه مان اُڏيل چڻنگ مان باهه لڳي وئي جنهن سبب سندس ٻئي ڄنگهون سڙي زخمي ٿيون آهن. ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي جي طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آھي. *** ملير مان شهزادو مستوئي مطابق ڪورنگي ۾ آرٽسٽڪ اپيرل ڪمپني ۾ بااثرن پورهيتن جو سنڌي پورهيت مٿان بليڊ ۽ ڪليپرن سان حملو جهن سبب 2 پورهيت سخت زخمي ٿي پيا جهن کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جي اين سي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي داخل هڪ ڄڻو گرفتار اطلاع ملندي ئي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا اڳواڻ منير مگسي ذوالفقار ڀٽو ساگر کروڙ ۽ ٻيا اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. زخمي ٿيل نظر حسين ميرالي ۽ اشرف کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته معمولي ڳالهه تان گلگتين اوچتو حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته حملي آورن کي اسان منٿون ڪندا رهيا سين پرکين رحم نه آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو