سنڌ امڙ سان محبت جو وچن ورجائڻ لاءِ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو آهي؛ استاد

عادلپور (اسلم مھر ) گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاکو لنجاري ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان تقريب استاد  بشير احمد سومرو جي صدارت ھيٺ منعقد ٿي گذري  جنھن ۾  اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طحه لنجار، ميمونه چنه، آمنه عبيدالله، تانيه ظھور لنجار سميت ٻين سنڌي ٽوپيون اجرڪ پائي شريڪ ٿيا جنهن  تقريرون پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون ھڻي سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو. سنڌي  ثقافت ٽوپي اجرڪ شان اسان جو سنڌيار اخبار زنده آباد جا زوردار نعرا ھڻي خوشي جو پڻ اظھار ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن استاد بشير احمد سومرو، صحافي اسلم مھر، سوشل ورڪر صدام حسين لنجار، استاد امام الدين لنجار، استاد اصغر سومرو، سعيد احمد سومرو  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي ۽ شاهوڪار آهي سنڌ امڙ سان محبت جو وچن ورجائڻ ۽ تاريخي ماڳن کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ سميت سنڌين جو شان وڌائڻ لاءِ ھي پروگرام ڪيو آهي جنھن ۾ اسان سڀني ثقافتي ويس وڳا سنڌي ٽوپيون اجرڪ پائي تقريب ۾ شرڪت ڪري صوفين جي سرزمين سنڌ ۽ ان جي عظيم ثقافت سان محبت جو ثبوت ڏنو آھي. آخر ۾ پوزيشن کڻندڙ ٻارڙن ۾ انعام طور ٽرافيون ڏنيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو