پنھنجي سوچ، احساسن ۽ جذبن جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻوليءَ جي ضرورت ھوندي آھي ۽ اھا بھترين ٻولي مادري ٻولي آھي، گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جو چوڻ آھي ته دنيا ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻولين مان اڍائي ھزار ٻولين کي خطرو آھي جن ۾ براھوي سميت ستاويهه پاڪستاني ۽ ھڪ سؤ ڇھانوي ھندوستاني ٻولين جو وجود کي خطرو آھي. جن ٻولين جي پنھنجي اسڪرپٽ ناھي انھن کي وڌيڪ خطرو آھي ڇو ته لک پڙھ لاءِ ڌارين ٻولين جو سھارو ورتو ويندو آھي. بي بي سي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڳالھايون ويندڙ 74 ٻولين مان ڪافي ٻولين کي خطرو آھي، گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ٻولي “بديشي” اھڙي ٻولي آھي جنھن جي ھڪ به ڳالھائڻ واري جي خبر ناھي. ان کان علاوه ڪيتريون ٻوليون اھڙيون آھن جن جي ڳالھائڻ وارن جو تعداد ھڪ ھزار کان به گھٽ آھي ۽ اھي ٻين ٻولين جي اثر کان پاڻ کي بچائي نه پيون سگھن. منھنجي ذاتي ڄاڻ موجب پاڪستان ۾ اردو ۽ سنڌي اھڙيون ٻوليون آھن جن ۾ ججها ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ڇپجن پيا باقي ٻين ٻولين جي اشاعت ايتري ناھي. پنجابي ٻولي ھونئن ته شاھوڪار ٻولي آھي پر پنھنجي اسڪرپٽ نه ھئڻ ڪري پنجابي دوست اڪثر اردو ۾ لکندا آھن، وڏڙا پاڻ ۾ پنجابي ۾ ڳالھائيندا جڏھن ته ٻارن سان اردو ۾ ڳالھائيندا. آفيسن ۾ اردو جڏھن ته غير رسمي ملاقاتن ۾ پنجابي ڳالھائيندا آھن ۽ انھن کي ان ڳالھ جو احساس به آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان جو ذڪر به ڪندا آھن پر عملي طرح ڪجھ نه پيو ٿئي. اھوئي سبب آھي جو اڪثر پنجابي ٻار اردو ۾ ڳالھائين پيا ۽ سچ پچ ۾ انھن کي پنجابي اچي ئي ڪونه ٿي.
اڪثر پشتو ڳالھائيندڙ پنھنجي ٻولي ڳالھائيندي انگ ھميشه
اردو ۾ استعمال ڪندا آھن ۽ اڪثر پٺاڻن کي جن سان منھنجو واسطو پيو آھي انھن کي نه
پشتو لکڻ اچي ۽ نه ئي پڙھڻ پر ڳالھائيندا صرف پشتو ۾. اھڙي طرح ھندڪو، بلتي، شينا،خوار
وارا به خط و ڪتابت به اردو ۾ ڪن. يونيڪوڊ سبب اھي ٻوليون جن جي اسڪرپٽ موجود آھي محفوظ
ٿي ويون آھن. يونيوڪوڊ جي باري ۾ ڄاڻ ھن طرح آھي ته يونيڪوڊ ھڪ سڀن ٻولين جي اکرن
تي مشتمل مجموعي جي اسٽنينڊرڊ جو نالو آھي، يونيڪوڊ ۾ سڀن ٻولين جا پراڻا ۽ ھاڻوڪا
اکر موجود آھن، ھر اکر جو الڳ ڪوڊ آھي، يونيڪوڊ ۾ سڀن انھن پاڪستاني ٻولين جا اکر
موجود آھن جيڪي ٻوليون لکيون ۽ پڙھيون وڃن ٿيون، جن ۾ سنڌي، اردو ۽ پشتو شامل آھن.
جيئن ئي ڪنھن ٻوليءَ جو ڪو اکر ملندو آھي ته ان کي يونيڪوڊ
۾ شامل ڪيو ويندو آھي ۽ يونيڪوڊ جو نئون ورشن جاري ڪيو ويندو آھي.
يونيڪوڊ جي ھاڻوڪي ورشن ۾ 110,000 کان وڌيڪ اکر موجود آھن ۽ 100 اسڪرپٽس شامل آھن.
جيڪڏھن اوھان ڪو فونٽ ٺاھڻ چاھيوٿا يا پنھنجو ڪو ڪيبورڊ
ڊيزائن ڪرڻ چاھيو ٿا ته اوھان کي يونيڪوڊ ۾ موجود ڪوڊن جي ضرورت پوندي. ھرھڪ اکر لاءِ
الڳ ڪوڊ آھي پر مختلف ٻولين استعمال ٿيندڙ ساڳئي اکر لاءِ ھڪ ئي ڪوڊ ھوندو آھي
جيئن “ح” جيڪو عربي، فارسي، اردو، سنڌي، پشتو وغيره ۾ استعمال ٿيندو آھي
لاءِ ھڪڙو ئي ڪوڊ آھي. يونيڪوڊ جي بدولت ئي ھاڻي ٻوليون ڊجيٽل دنيا ۾ موجود آھن ۽
ويب سائٽون، سوشل ميڊيا جا صفحا اوھان کي مڪاني ٻولين ۾ نظر اچن پيا. ھاڻي يونيڪوڊ
۾ موجود ٻولين کي خطرو گھٽ آھن شرط صرف اھو آھي
ته ڳالھائڻ وارا پنھنجي ٻولين سان ماٽيلي
ماءُ وارو سلوڪ نه ڪن ۽ مادري ٻولين جو استعمال فخر سان ڪن. پر جيڪڏھن اھي ٻولين
جو استعمال نه ڪندا ته پنھنجين ٻولين کي بچائي نه سگھندا. جيئن بلتي ۽ خوار (اترين
علائقن جون ٻوليون) جا اکر ته موجود آھن پر اھي ٻوليون گھٽ لکيون پيو وڃن.
عربي اسڪرپٽ جنھن ۾ سنڌي، اردو، پشتو، فارسي وغير اچي وڃن ٿيون. انھن لاءِ ٻن قسمن جا فونٽ استعمال ٿين ٿيا جن ۾ ھڪ نسخ آھي ۽ ٻيو نستعليق. عربي ۽ سنڌي لاءِ نسخ استعمال ٿيندو آھن ۽ فارسي ۽ اردو لاءِ نستعليق استعمال ڪيو ويندو آھي.
نستعليق:- اسلامي خطاطي جو ھجو ھڪ انداز آھي جيڪو ايران ۽ چوڏھين ۽ پندرھين صدي ۾ ترقي ورتي. ان خطاطي لاءِ مشھور آھي ته ان جو باني ايران جو خطاط مير علي تبريزي ھيو.
نسخ: ھي عربي جو مشھور خط آھي جيڪو گھڻي عرصي تائين اسلامي دنيا ۾ رائج رھيو. ان نموني کي عربي رسم الخط جو بھترين خط سمجھيو ويندو آھي ۽ ان جو خالق عباسي وزير ابن مقله شيرازي ھئو.
سنڌي لاءِ ھونئن ته ٻه اسڪرپٽ موجود آھن جن ۾ ھڪ عربي آھي جيڪا اسان ھتي پاڪستان ۾ سنڌي لاءِ ڪتب آڻيون پيا ٻي ديواناگري اسڪرپٽ آھي جيڪا ھندوستان ۾ سنڌي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ٽيون اسڪرپٽ جنھن کي بھرحال نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي اھو رومن اسڪرپٽ آھي جنھن کي اڄ ڪلهه نوجوان اڪثريت سان استعمال ڪن ٿا پر ان لاءِ ڪو قانون نه جوڙيو ويو آھي، ھرھڪ پنھنجي حساب سان لکي پيو ڪي ته رومن اسڪرپٽ جا حامي آھن ۽ انھن جي سامھون ترڪي جو مثال آھي جن عربي اسڪرپٽ کي ڇڏي ڪري رومن اسڪرپٽ اختيار ڪئي. پر ان جي پويان ھڪ سوچ ھئي ته ماضي جي سوچ مان جان ڇڏائجي ۽ جديد ترڪي جو بنياد وجھجي. پر ھتي اسان جو معاملو ٻيو آھي. اسان ماضي جي ورثي کي ڇڏي نه ٿا سگھون ۽ اھڙو ڪو سافٽ ويئر به نه ٿو ٺھي جيڪو ڪتابن کي عربي مان رومن اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪري. ان جو سبب ٽيڪينيڪل آھي، جيستائين سنڌي زير زبرن سان نه لکي ويندي تيستائين اھو مسئلو حل نه ٿيندو. اوھان کي اڄ به روائتي ايس ايم ايس رومن اسڪرپٽ ۾ ملندا ھوندا جن ۾ گاڏر ساڏڙ ٻولي لکيل ھوندي. ھتي ھڪ ڳالهه واضح ڪجي ته ھڪ مضمون ٻولي جي خلاف ناھي، ھر ٻوليءَ جي پنھنجي اھميت آھي.پر جڏھن ھڪ سنڌي دوست سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي ڪري پنھنجي ئي سنڌي دوست کي ڌاري ٻوليءَ ۾ رومن اسڪرپٽ ۾ استعمال ڪري پيغام موڪلي ٿو ته ان جو اڪثر مطلب به سمجهه ۾ نه ٿو اچي پر جي ان جي جاءِ تي سنڌي (عربي) يا اردو (عربي) استعمال ڪري ته سمجھڻ ۾ آساني ٿئي. اڪثر دوست رومن اسڪرپٽ اھڙي ته لکن پيا جو وڃي ٿيا خير. ان لاءِ به ٻوليءِ جي ماھرن کي به ڪو قائدو قانون جوڙڻو پوندو نه ته ھرھڪ پنھنجي مرضي سان لکندو.
اڄ ڪلهه ته اھو مسئلو ٿيڻ ئي نه گھرجي، عام موبائل فون (بٽڻ واري) يا Featured phone ۾ جنھن ۾ سنڌي جي سپورٽ ناھي پر گھٽ ۾ گھٽ اينڊرائڊ فون ۾ جنھن ۾ مڪمل سنڌي جي سپورٽ موجود آھي ان ۾ ته سنڌي ۾ لکي سگھن ٿا صرف سنڌي لاءِ ڪو ڪي بورد ڊائون لوڊ ڪرڻو آھي جن ۾ مشھور گوگل جو جي بورڊ ۽ ٻيو سئفٽ ڪي بورڊ آھن ۽ انھن سان گڏو گڏ ٻيا به ڪافي سنڌي لاءِ ڪي بورڊ موجود آھن. ڪمپيوٽر تي ته سنڌي ۾ لکڻ ھاڻي ڪو مسئلو ئي ناھي، ونڊوز ايڪس پي کان وٺي ونڊوز 10 تائين، لينڪس کان ميڪ بڪ. آءِ فون، ونڊوز فون وغيره ۾ سنڌي لکڻ ڪو مسئلو ئي ناھي. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آھي ته ان جي تربيت ڏني وني وڃي ۽ مشق ڪئي وڃي ته جيئن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري پنھنجي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي سگھجي.
ھن وقت دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم پيو ٿئي، برطانيه جي ھڪ وڏي ڪمپني يورر ٽاڪ يوٽاڪ جي نالي سان ايپ جاري ڪئي آھي جنھن ۾ سنڌي به شامل آھي ۽ اھڙي طرح چيني ڪمپنيون به پنھنجي موبائل سافٽ ويئرن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرائن پيون. گوگل به پنھنجي ٽرانسليٽر ۾ سنڌي کي شامل ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ سڀني سنڌي دوستن کي حصو وٺڻ گھرجي. فيس بڪ ۾ سنڌي لکي پئي وڃي پر ٽوئيٽر ۾ سنڌي تمام گھٽ لکي پئي وڃي ان طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي.
اي ميل: solangi@outlook.com