اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ٽوئرسٽ سفاري ٽرين جو اڦتتاح ڪر ڇڏيو آهي. هي ٽرين اسلام آباد جي گولڙه استيشن کان هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن سياحن کي سير ڪرائيندي. سفاري ٽوئرسٽ ٽرين گولڙه کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ شهر جي آسپاس جي نظارن جو سير ڪرائيندي واپس ايندي. ان موقعي تي ريلوي جو وزير اعظم خان سواتي ۽ ٻيا به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. صادق سنجراڻي چيو ته هي ٽرين سياحت کي هٿي وٺرائيندي ۽ عوام کي بهتر سهولت ميسر ڪئي وئي آهي.
