سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آباد گارن جو احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ)  ٽنڊو باگو مين ڊرين جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو سم نالي کان  پيادل مارچ، نندو پريس ڪلب اڳيان سوين ماڻھن جو ڌرڻو. تفصيل موجب ٽنڊوباگو مين ڊرين سم نالو جي مسلسل ويهن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب هر سال برسات ۾ آبادگارن ۽ رهواسين کي لکين روپين جو نقصان ٿيڻ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ ۽ سول سوسائٽي نندو شھر طرفان مين ڊرين کوسڪي روڊ کان خليل ڀرڳڙي، حفيظ ميمڻ،عزيز ڏيرو امير آزاد پنھور جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن  چار ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب نندو شھر اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا انهي موقعي تي ضلعو بچايو اڳواڻن خليل ڀرڳڙي،عزيز ڏيرو،حفيظ ميمڻ،ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور،عوامي تحريڪ اڳواڻ جمن شاهه، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊوباگو مين ڊرين جي گذريل ويهن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب تعلقي ٽنڊي باگي ۽ تعلقي بدين جي 8 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن جا لکين رهواسين سميت هزارين ايڪڙ زرعي زمين هر سال پوندڙ برسات ۾ مڪمل طرح متاثر ٿئي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته هر سال سم نالي جي کاٽي لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊس اچن ٿا پر آفيسر سياسي سپورٽ جي آڙ ۾ ڪجھه کاٽي ڪري سموري رقم هڙپ ڪري ڇڏين ٿا هنن وڌيڪ چيو ته مسلسل ٽن سالن کان بدين ضلعي جي آبادگارن ۽ رهواسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو اڪرم واهه ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ سبب بدين جا آبادگار مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھن پر سنڌ حڪومت ڪو به ايڪشن نه پيئي وٺي هنن واضح ڪيو ته اڄوڪو احتجاج تحريڪ جو رخ اختيار ڪندي مسلسل جدوجهد جي شروعات ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا جيستائين مين ٽنڊوباگو ڊرين سميت ننڍن سم نالن جي مڪمل کاٽي نه ٿيندي تيستائين اسان جو هي احتجاج جاري رهندو

پهنجو تبصرو موڪليو