سم نالن جو ڪم ڪاغذن ۾ مڪمل، برساتي پاڻي جي تباهي

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) يونين ڪائونسل جمال الدين لاشاري ۾ نئين تعمير ٿيندڙ سم نالي جو منصوبو واسطيدار عملو ۽ ٺيڪيدار ڪاغذن ۾ مڪمل ڄاڻائي ڪروڙين روپيا مبينا طور ڳڙڪائي ويا. ڀانيري سم نالي جو به ورهين کان ڪم رولڙي جو شڪار آهي، جنهن سبب تازو ٿيل برسات جو پاني نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ تعلقي جا ڪافي اسڪول ۽ ڳوٺ بابو خان چانڊيو متارو چانڊيو مٺو چانڊيو مراد خان چانڊيو  ابراهيم چانڊيو،امتياز لاشاري،دلاور چانڊيو،محمد رحيم،ڌڻي بخش چانڊيو،ميگهو ڪولهي،هرکو ڪولهي سميت اڪثر ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل به پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن.

جڏھن ته انتظاميا پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ سبب امام بارگاهن ۾ به 3 فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن بابو خان،واحد بخش چانڊيو،مراد خان،وڪيل لاشاري،لکي نظاماڻي،جان محمد ،احمدچانڊيو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪندي چيو ته برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي سم نالا صرف ڪاغذن ۾ مڪمل ڄاڻائي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو