سموريون بينڪون 8 مئي تي کليل رهنديون،اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته  سڄي ملڪ ۾ 6 مئي تي سموريون بينڪون پنهنجي مقرر وقت تائين کليل رهنديون.اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سموريون بينڪون ۽ مالياتي ادارا 8 مئي جي صبح 9 کان ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين کليل رهندا. اهو فيصلو عوام جي سهوليت جي لاءِ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ به عيدالفطر جي موقعي تي 10 کان 15  مئي تائين بند رهندي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي جي سفارشن جي روشني ۾ 10 کان 15 مئي تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان موڪلن دوران لازمي سروسز  کان علاوه ڪاروبار، مارڪيٽون ۽ دڪانون بند رهنديون.جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون، ويڪسينيشن سينٽر، بيڪريون، پيترول پمپ کليل رهندا. عيد رات مهندي بازار، زيورن ۽ ڪپڙن جا اسٽال بند رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو