’سفير جي ڌيءَ جي اغوا جا ثبوت نه مليا، ملڪ خلاف سازش آهي‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)افغانستان جي سفير جي ڌيءَ جي اغوا بابت ابتدائي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد سندس اغوا ۽ مٿس تشدد جي دعويٰ غلط آهي. اهڙو اظهار پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي بابت مشير معيد يوسف ۽ آءِ جي اسلام آباد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. آءِ جي ٻڌايو ته هي هڪ مڪل انڌو ڪيس هو، پوليس 5 تحقيقاتي ٽيمون جوڙيون 220 ماڻهن بشمول 4 ٽيڪسي ڊرائيورن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ 300 ڪيمرائن ۾ رڪارڊ ڪيل 7 ڪلاڪن جي فوٽيج ڏسڻ بعد ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اغوا ۽ تشدد واري دعويٰ درست ناهي. هن چيو ته هن ۾ ملوث هڪ گروپ تائين اسين پهتا آهيون جنهن جي مڪمل معلومت ويديو فوٽيجز سان گڏ اهي ۽ وڌيڪجاچ جاري آهي. معيديوسف چيو ته هي پاڪستان کي بدانم ڪرڻ جي سازش هئي، ڀارت ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس استعمال ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان خلاف دشمنن جي هائبرڊ جنگ جاري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون افغانستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير سان ڳالهايو آهي ۽ سفير جي واپسي واري فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست ڪئي آهي. هنن جلد وفد موڪلي سيڪورٽي جي جائزي جي خاطري ڪرائي آهي. اسانجي افغان سفير کي درخواست آهي ته واپس اچي جاچ جو حصو بڻجي جيئن هن معاملي جي جاچ مڪمل ڪري سگهجي. هن چيو ته اسين به نياڻين وارا آهيون ۽ ڪنهن سفير جي نياني سان اهڙو واقعو پيش اچڻ معمولي ڳالهه ناهي.هو ته ڪافي محتاط نظر آيو پر گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اغوا ۽ تشدد جو واقعو ڊرامو آهي ۽ پڪستان کي بدنام ڪرڻ جي عالمي سازش جو حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو