سعودي واعدو وفا نه ٿيو، پرڏيهي کاتي جو ڪوڙ پڪڙجي پيو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ قيدين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جسٽس پروجيڪٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان سعودي ولي عهد 2000 کان مٿي پاڪستاني قيدي آزاد ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر ان تي عمل نه ٿيو. هن مهل تائين رڳو 89 قيدي آزاد ٿي وطن پهتا آهن. فيبروري 2019 ۾ سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري وقت سمورا قيدي آزاد ڪرڻ جي حامي ڀري هئي ۽ تازو پرڏيهي کاتي 579 قيدي آزاد ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو پر جسٽس پروجيڪٽ وارن جو چوڻ آهي ته رڳو 89 قيدي آزاد ٿيا آهن. جسٽس پروجيڪٽ جي جاري ڪيل بيان موجب جمعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ کي بيريسٽر سارا ٻڌايو ته 2107 پاڪستاني قيدي سعودي جي جيلن ۾ آهن. پرڏيهي وزارت پاران جيڪو نمبر ٻڌايو ويو آهي در اصل اهي 2018 ۾ سعودي ولي عهد جي اعلان کان اڳ آيا هئا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پرڏيهي کاتي موجب 11 هزار پاڪستاني قيد آهن. ياد رهي ته 26 لک پاڪستاني سعودي عرب ۾ ڪم ڪن ٿا جن مان اڪثريت مزدور طبقي جي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو