سستو خام تيل روس کان اچي رهيو آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس مان سستو خام تيل اچي رهيو آهي، پاڪستان روس ۽ وچ ايشيا جو گيٽ وي آهي.ڪراچي بندرگاهه تي روسي نجي شپنگ ڪمپني جي جهاز جي آمد تي تقريب منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي مصدق ملڪ چيو ته موجوده حڪومتي پاليسين سبب روس مان سستو تيل پاڪستان ايندو، دنيا پاڪستان کي واپار ۾ اڳتي ڏسڻ چاهي ٿي.مصدق ملڪ چيو ته مارڪيٽن تائين آسان نه پهچڻ سبب اڌ ميوو ضايع ٿي ويندو آهي، اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي ون ڪوريڊور بڻائڻو پوندو.هن چيو ته ڪوشش آهي ته وچ ايشيائي ملڪن سان دوستي وڌي، پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سان واپار وڌائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.مملڪتي وزير چيو ته ريفائنري ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان جلد ڪيو ويندو.ان کانسواءِ تقريب کي خطاب ڪندي توانائي واري وزير خرم دستگير چيو ته روس سان پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مستقل واپاري رابطا خوش آئند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو