سرڪاري واٽر سپلاءِ اسڪيمن تي ٻنيون آباد، غريب پيئڻ جي پاڻي کان محروم

ڊرگھ بالا (رپورٽ جي ايم لنڊ) ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا  لغاري ۽ سندس حامين جا ڪلور ڪاڇي جي مختلف واٽر سپلاء توڙي آر او پلانٽس تي سندن قبضا قائم آهن. ڪاڇي جي حآجي خان قبرستان واري واٽر سپلاء اسڪيم ايم پي اي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي اتان جي زميندار کي سالياني ٻارنھن لکن جي ٺيڪي عيوض زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڏئي ڇڏي. ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو جي واٽر سپلاء تي پڻ ايم پي  اي جي حامي يوسي ٽوڙ جي چئيرمين جبار لغاري جو قبضو برقرار. ڳوٺآڻن کي پئيڻ جو پاڻي ڏيڻ بجاء سرڪاري خرچ تي قائم ڪيل اسڪيمون ذاتي مقصد لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن. ڪاڇي جي ڳوٺ بري جي ٺھيل سرڪاري واٽر سپلاء اسڪيم تي پڻ ساڳئي ايم پي اي جي ڇاڙتي اعجاز لغاري قبضو ڪري ڳوٺآڻن کي پئيڻ جو پاڻي ڏيڻ بجاء، پنھنجي ذاتي زمين آباد پيو ڪري. ڳوٺ جلب لغاري جي سولر واٽر سپلاء اسڪيم تي بااثر سڪندر لغاري قبضو ڪري,ڇڏيو. غريب ڳوٺآڻا پاڻي لاءِ پيادل پري پري کان پاني ڀري اچن ٿا. ڪاڇي جي سياسي سماجي ڌرين حآجي غلام قادر لغآري،عطاالله کچي، عنايت لغاري، نصير لغاري، جيت فقير کچي ۽ٻين چيف جسٽس، چيئرمين نيب ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏين ۽ غريب ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو