ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ”انصاف لاءِ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ“ واري پاليسي ھيٺ بگٽي ڪالوني ٿاڻي جي حد جي بگٽي برادري سان تعلق رکندڙ مختلف ڪيسن ۾ گھربل 20 مبينا ڏوھارين ۽ ملزمن ھٿيار ڦٽا ڪري ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ آڏو پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيو آھي. جن مان 7 جوابدارن، جن ۾ محمد خان، علي حسن، غلام عباس، سھاڳ، گل، دودوخان ۽ بوجوخان شامل آھن، تن جمع تي سرينڊر ڪيو جڏھن تھ 13 جوابدار گذريل ٻن ڏينھن دوران سرينڊر ڪيو ھو ۽ مجموعي طور بگٽي قبيلي جي سرينڊر ڪندڙن جو تعداد 20 ٿي ويو آھي. ھنن ملزمن پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گھربل روپوشن پاران پاڻ مرادو ايس.ايس.ايس.پي ڪشمور وٽ پيش ٿي پاڻ کي قانون حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ ايس.ايس.پي ڪشمور سيد اسدرضاشاھ سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو سرنڊر ڪندڙ جوابدارن سان قانوني مدد ڪندي کين بھتر زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪيو ويندو ۽ ڪوشش اھا آھي ته جيڪي غريب جوابدار آھن ته انھن جي ضمانت واري خرچ سميت وڪيل جي فيس به پوليس پاران ادا ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو تھ سرنڊر برا۽ انصاف پاليسي ھيٺ روپوش جوابدارن کي گھرجي ته ماضي کي وساري بھتر ۽ آزاد زندگي گذارڻ لا۽ موقع جوفائدوحاصل ڪن. پيش پوندڙ جوابدارن ٻڌايو ته ڪافي سال پھرين پوليس پاران اسان مٿان مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪياويا ۽ اسان انھن سمورن ڪيسن سا منھن ڏيندي آزاد زند گي گذارڻ لا۽ پاڻکي قانون حوالي ڪيو آھي۔










