سرينا عيسيٰ جو وزيراعظم کي خط، درخواست جي ڪاپي ڏيو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت پاران داخل ڪيل ’ڪيوريٽو رويو پٽيشن‘ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي خط لکيو آهي. 2 سيپٽمبر تي وزيراعظم جي نالي لکيل کليل خط ۾ هن چيو آهي ته جسٽس عيسيٰ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران نظر ثاني واري درخواست تي ڏنل فيصلي خلاف وري نظر ثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي ۽ کيس ميڊيا مان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي. ٻيو ڀيرو مان اوهان کي مخاطب آهيان ته آخر مونکي ان جي ڪاپي ڇو نه ٿي ڏني وڃي. هن چيو آهي ته آئين ۽ قانون مطابق نظر ثاني جي درخواست تي آيل فيصلي خلاف ٻيهر نظر ثاني جي درخواست داخل نٿي ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته حڪومت اها درخواست 30 ڏينهن گذرڻ بعد داخل ڪئي آهي.هن اڳ ۾ 27 مئي تي حڪومتي درخواست جي ڪاپي فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي. هن چيو آهي ته جنهن ڊڪٽيٽرز جي خدمت ڪئي، وفاداريون خريد ڪيون ۽ آئين جي توهين ڪئي اهي ڪجهه به ڪرڻ جا اهل آهن. ياد رهي ته صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي مشوري تي جسٽس فائز عيسيٰ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل کي صدارتي ريفرنس موڪلي کيس مس ڪانڊڪٽ جي الزام هيٺ هٽائڻ لاءِ چيو هو. سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني بينچ اتفاق راءِ سان 19 جون 2020 تي ريفرنس خلاف قانون قرار ڏئي رد ڪيو هو پر اڪثريت راءِ سان بينچ فيصلو ڪيو هو ته جسٽس عيسيٰ جي زال ۽ ٻارن خلاف پرڏيهه ۾ 3 جائيداد خريدڻ بابت ٽيڪس اختياريون جاچ ڪن. جنهن خلاف جسٽس عيسيٰ ۽ سرينا عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني جي درخواست داخل ڪئي هئي جيڪا منظور ڪندي 10 رڪني بينچ مان 6 ججن 26 اپريل 2021 تي جاچ کي غير قانوني قرار ڏنو هو. هاڻي حڪومت نظر ثاني جي فيصلي خلاف وري نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن جي آئين، قانون۽ رولز ۾ ڪا گنجائش ناهي. حڪومت جو موقف آهي ته 26 اپريل جي عدالتي فيصلي سبب ججن جي احتساب جو در بند ڪيو ويو آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته حڪومت اها درخواست لڪائي رهي آهي ۽ مناسب وقت تي من پسند فيصلو وٺڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو