سريلنڪا جي ويسٽ انڊيز کي 23 رنسن تان شڪست

لنڊن(م ڊ) سريلنڪا ويسٽ انڊيز کي دلچسپ مقابلي بعد هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ چيسٽرلي اسٽريٽ گرائونڊ ۾ سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 338 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز طرفان سنيل ايمبرس ۽ ڪرس گيل اننگز جي شروعات ڪئي پر سنيل ٽئين ئي اوور ۾ ملنگا جو شڪار بڻجي ويو، هو پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ شائي هوپ 5 رنسن تي ملنگا جو شڪار بڻيو. شيمرون هيٽمير 29 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿيو ۽ ڪرس گيل به پنهنجي اننگز کي 35 رنسن کان اڳتي نه وڌائي سگهيو، ڪپتان جيسن هولڊر جي اننگز به 26 رنسن تائين محدود رهي، ڪارلوس بريٿويٽ 8 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو. نڪولس پوران ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته فابيان ايلن ڪيريئر جي پهرين ففتي اسڪور ڪئي پر بدقسمتي سان اهو 51 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته ان کانپوءِ نڪولس پوران پڻ 118 رنسون ٺاهي اينجلو ميٿيوز جو شڪار بڻجي ويو. سريلنڪا طرفان لسٿ ملنگا 3، جيفري وينڊرسي ۽ ڪسن رجيتا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو