ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو مير سرفراز بگٽي بلوچستان جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي.بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي.پولنگ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪندي اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي چيو ته مير سرفراز بگٽي 41 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.










