اسلام آباد:(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ترڪي جي شهر استنبول ۾ ختم ٿي ويو آهي،ذريعن موجب، پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن جي وچ ۾ ڳالهيون استنبول جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيون، جنهن جي ميزباني اعليٰ سطحي ترڪي عملدارن ڪئي، ذريعن ٻڌايو ته استنبول ۾ ڳالهين دوران قطر ۾ ڳالهين ۾ متفق ٿيل نقطن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو،ذريعن موجب، پاڪستان طالبان کي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو ڏنو، ذريعن ٻڌايو ته ڳالهين ۾ پاڪستان جي ٻن ميمبرن جي وفد شرڪت ڪئي، جڏهن ته افغانستان جي وفد جي اڳواڻي نائب گهرو وزير رحمت الله مجيب ڪئي.ياد رهي ته . قطر ۽ ترڪيه جي گڏيل ميزباني ۾ 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي دوحه ۾ ٻنهي ملڪن جنگبندي تي اتفاق ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اَندرابي جمعي ڏينهن پنهنجي پهرين پريس بريفنگ ۾ اميد ظاهر ڪئي هئي ته اڄ استنبول ۾ شروع ٿيندڙ افغانستان سان ڳالهين جي نئين مرحلي سان هڪ اهڙو نگراني وارو نظام تيار ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿينديون. هي نظام افغان طالبان جي انهن قدمن تي نظر رکندو جيڪي سرحد پار دهشتگرد حملا روڪڻ لاءِ کنيا ويندا. ڪيا پيا وڃن. هن چيو هو ته “پاڪستان ترڪيه ۾ 25 آڪٽوبر 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ هڪ واضح ۽ قابل تصديق نگراني نظام جي قيام جو منتظر آهي، جيئن افغان زمين مان پاڪستان تي ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي خطري کي ختم ڪري سگهجي ۽ پاڪستانين جي وڌيڪ جاني نقصان کي روڪي سگهجي.” اندرابي چيو: “اسان 19 آڪٽوبر 2025ع تي قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ ٿيل معاهدي کي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پهريون قدم سمجھون ٿا.” پرڏيهي آفيس موجب، دوحا ۾ طئي ٿيل جنگبندي اڃا تائين قائم آهي ۽ ان کان پوءِ ڪو وڏو دهشتگرد حملو رپورٽ نه ٿيو آهي. ترجمان چيو: “اسان استنبول ۾ ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ به ساڳي ئي سنجيدگي ۽ اخلاص سان شرڪت ڪري رهيا آهيون، جيئن دوحا ۾ ڪئي هئي.” افغانستان جي عارضي حڪومت به استنبول واري اجلاس جي تصديق ڪئي آهي. ذبيح الله مجاهد مطابق، افغان وفد جي اڳواڻي مولوي رحمت الله نجيب، نائب وزير داخلا ڪري رهيو آهي، جيڪو جمعي تي استنبول لاءِ روانو ٿي ويو هو. استنبول وارو اجلاس ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو عارضي امن کان نڪري هڪ منظم، تصديق لائق ۽ پائيدار فريم ورڪ قائم ڪن، جنهن ۾ نگراني، تصديق ۽ فني سطح تي لاڳيتو رابطو شامل هجي. ترڪيه جي اختيارين موجب، استنبول ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جنگبندي سان لاڳاپيل معاملن، جهڙوڪ دهشتگردي، لڏپلاڻ ۽ سرحدي تحفظ جو جائزو وٺندي. بنيادي طور، دوحا سياسي پيش رفت پيدا ڪئي هئي، جڏهن ته استنبول ۾ ان کي عملي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي، يعني سرحد پار دهشتگرديءَ جي تعريف، ان جي تصديق جا طريقا ۽ تڪرارن جي حل جا اصول طئي ڪرڻ شامل هوندا. ترڪيه کي دهشتگرديءَ جي خلاف ڊگهي تجربي خاص ڪري PKK خلاف ۽ سندن پيچيده سرحدن تي بغاوتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تجربي سبب هڪ معتبر ثالث سمجھيو پيو وڃي.پاڪستان لاءِ، ترڪيه هڪ قابل اعتماد ڀائيوار آهي، جيڪو اهڙو نظام تيار ڪري سگهي ٿو جنهن تي ٻنهي ڌرين کي ڀروسو هجي۽ امن عمل کي غير رسمي سفارتڪاري مان نڪري هڪ اداراتي فريم ورڪ ڏانهن منتقل ڪري.
پاڪستان جا مطالبا ۽ ترجيحات
استنبول ۾ پاڪستان اميد رکي ٿو ته افغان ڌر کان تصديق لائق واعدا حاصل ڪيا ويندا، جيئن ٽي ٽي پي (TTP) جو خطرو ختم ٿي سگهي. ٽي ٽي پي جي ڄاتل پناهه گاهن جو خاتمو، اهم اڳواڻن جي گرفتاري يا ملڪ مان نيڪالي۽ واضع ٽائيم لائنون ۽ ماپجڻ لائق عمل، جهڙوڪ ڇاپا، گرفتاريون ۽ محفوظ گهرن جي تباهي. پاڪستان انٽيليجنس شيئرنگ، سرحد پار رابطي ۽ فوري نگراني جي نظام جي تجويز به پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهو پڻ چاهي ٿو ته ترڪيه ۽ قطر جي گڏيل نگرانيءَ واري ٿرڊ پارٽي جوڙجڪ قائم ڪئي وڃي، جيڪا پيش رفت جي تصديق ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪري. پاڪستان، افغان ڌر کان اهو خاطري گهرندو ته دهشتگرد گروهن کي پناهه نه ڏني ويندي، سرحدي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ، دهشتگرد فنڊنگ ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ باقاعده جائزي واري گڏجاڻين جو تڪڙو انعقاد. اندرابي چيو هو ته: “دوحا ڳالهين دوران بنيادي ڌيان ان ڳالهه تي هو ته افغان سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ دهشتگرد حملا روڪيا وڃن، ۽ ان لاءِ هڪ اهڙو نظام هئڻ ضروري آهي جيڪو قابل تصديق هجي ۽ واضح طور ظاهر ڪري ته ڪابل ۾ افغان طالبان حڪومت واقعي اهڙا قدم کڻي رهي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته دوحا ۾ حاصل ٿيل جنگبنديءَ جي تسلسل اهو ظاهر ڪري ٿي ته پيش رفت حقيقي آهي. هن وڌيڪ چيو هو ته “مختصر ۾، دوحا واري عمل جا نتيجا فائديمند رهيا۔ اسان چاهيون ٿا ته اهو رجحان استنبول ۽ ان کان پوءِ به جاري رهي،” آخر ۾ ترجمان واضح ڪيو هو ته: “پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار في الحال معطل آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بند آهي ۽ اهو تيسين تائين ٻيهر شروع نه ٿيندو، جيستائين سيڪيورٽي صورتحال جو مڪمل جائزو نه وٺبو.”










