سجاول ۽ سيوهڻ جا ملازم ڊيوٽي کان غير حاضر، گرفتاري جو حڪم

حيدر آباد(ن س)سجاول ۽ سيوهڻ مان اليڪشن ڊيوٽي کان غير حاضر سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.سجاول جي تڪ پي ايس 74 تان اليڪشن ڊيوٽي کان غير حاضر 300 کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.ريٽرننگ آفيسرن ايس ايس پي سجاول کان غير حاضر ملازمن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ميڊيڪل آفيسرن، استادن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف سيوهڻ مان 134 سرڪاري ملازم اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر آهن.سيوهڻ جي تڪ پي ايس 77 جي آر او محمد علي گوپانگ جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو.ريٽرننگ آفيسر چيو ته غير حاضر ملازمن کي گرفتار ڪري ڊيوٽي تي آندو ويندو، اڪثريت ملازمن حاضري يقيني بڻائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو