رپورٽ )امداد علي ڪلوڙ) سکرجي ڪمشنر ڊويزن جي ٽنهي ضلعن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته سارين جي پوک تي بندش آهي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪيو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته پابندي وارن علائقن ۾ سارين جو ٻيجارو پوکيو ويو ته آبادگارن سان گڏوگڏ علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف به ڪارروائي ٿيندي. اهڙي هدايت هن سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ روينيو آفيسرز جي اجلاس ۾ خطاب دورن ڪئي. ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو آفيسرن کي چيو ته هو زرعي انڪم ٽيڪس ۽ ٻيا محصول اوڳاڙڻ جا ٽارگيٽ پورا ڪن ۽ ناڪام ٿيندڙن کي سزا ملندي ۽ ٽارگٽ پورو ڪندڙن کي انعام ملندو. هن چيو ته سکر ڊويزن ۾ آباد ۽ غيرآباد زمينن جي نئين سر سروي ڪرائي لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن جي ڪمانڊ ايريا طئي ڪئي وڃي. ڪمشنر سکر هدايت ڪئي ته اسسٽنٽ ڪمشنر، آبپاشي کاتو ۽ سيڊا جا آفيسر ڪمانڊ ايريا طئي ڪرڻ بابت گڏيل سروي ڪن ۽ ٻيهر مارڪنگ ڪئي وڃي. ڪمانڊ ايريا جي سروي بعد آبادگارن کي رڪوري لاءِ نوٽيس ڏنا وڃن. ڪمشنر سکر ڊويزن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته زرعي انڪم ٽيڪس ۽ ٻيا محصول اوڳاڙڻ لاءِ ايف بي آر جي طرز تي ڪم ڪيو وڃي. پاڻمرادو گوشوارا داخل ڪرائيندڙ کاتيدارن کي نوٽيس ڏئي کانئن رٽرنز مطابق ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي. هن کين هدايت ڪئي ته اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي علائقن ۾ هيٺين سطح تي وڃي ڪم ڪن ۽ وڏن کاتيدارن سان ملي زرعي انڪم ٽيڪس، آبياني ۽ ٻين ٽيڪسن بابت شعور بيدار ڪن. هن چيو ته 12 لک ۽ اُن کان مٿي آمدني وارا زميندار ۽ آبادگار زرعي انڪم ٽيڪس جي دائري ۾ اچن ٿا. اي ڊي سي ون سکر اختر حسين قريشي ٻڌايو ته 15 مئي کان هر سال کاتيدارن کي زرعي انڪم ٽيڪس ڏيڻو آهي ۽ 15 آڪٽوبر تائين پنهنجا رٽرن داخل ڪرائڻا هوندا آهن.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو