سائنس ڇا ٿي چوي، ٻليون وڌيڪ چالاڪ آهن يا ڪتا؟

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٻليون وڌيڪ چالاڪ آهن يا ڪتا؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن تي هميشه بحث هلندو آهي ۽ ڪتن جا شوقين ڪتن جي تعريف ڪندا آهن ۽ ٻلين پالڻ وارا چوندا آهن ٻليون وڌيڪ چالاڪ آهن. ان ڏس ۾ عام تاثر به اهو آهي ته ٻليون وڌيڪ چالاڪ آهن پر سائنسي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٻليون ڪتن جي ڀيٽ گهٽ چالاڪ آهن. ان ڏس ۾ 2017 ۾ فرنٽيئرز اِن نيوروناٽومي جرنل ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته چڙيا گهرن ۽ ڪجهه شوقين تحقيق لاءِ پنهنجا تازا مئل جانور پيش ڪيا جن جي دماغ تي مختلف تجربا ڪيا ويا جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڪتا وڌيڪ چالاڪ آهن. سوزانا هرڪيولينو هوزل نالي نيورو سائنسدان جي سربراهي ۾ اها جاچ ٿي هئي. جنهن ٻڌايو ته ٻنهي قسم جي جانورن جي دماغ ۾ موجود نيورونز جي بنياد تي اهو طئي ڪيو ويو هو. جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪتي جي دماغ ۾ موجود نيورونز جو تعداد ٻيڻ کان به مٿي آهي. ٻلي جي دماغ ۾ 25 ڪروڙ نيورونز هئا جڏهن ته ڪتي جي دماغ ۾ انهن جو تعداد 53 ڪروڙ هو. جڏهن ته انسان جي دماغ ۾ تقريبا 16 ارب نيورونز هو ندا آهن. ان پيماني تي جيڪڏهن انسان جي چالاڪي جي ڀيٽ ڪجي ته ڪتي کان 30 ڀيرا يعني ٽيهوڻ تي ٻلي کان 60 ڀيرا انسان وڌيڪ چالاڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو