زهريلي دوا پيئندڙ فوت، وهنجدي ٻڏل ٻن نوجوانن مان هڪ فوت

سيوهڻ / دڙو (رميز علي سولنگي/ امداد ميمڻ) دانستر واھ تي وهنجدي برهماڻي برادري جا 2 نوجوان ٻڏي ويا، هڪ کي بچايو ويو جڏهن ته هڪ زاهد علي برهماڻي فوت ٿي ويو. ٻڏي ويل نوجوانن کي ڳوٺاڻن ۽ سيوهڻ جي ٽوٻن ڳولهي پاڻي مان ڪڍي ورتو هڪ 22 سالن جو نوجوان فوت ٿي ويو ۽ هڪ کي بچائي ورتو. فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نالي زاهد علي برهماڻي سان ڪئي وئي ، جنهن جي لاش کي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ سيوهڻ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، لاش گهر ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.*** ميرپوربٺورو ۾ 2 ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي زهريلي دوا پيئندڙ مهر شاه پاڙي جو 27 سالا نوجوان حنيف ولد مجيد ملاح ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. زندگيءَ جو انت آڻيندڙ نوجوان لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نوجوان شهر ۾ مڇي جو ڪاروبار ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، ۽ ڇھ مهينا اڳ شادي ڪئي هئائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو