زمين جي مالڪي تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 8 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)اوٻاوڙو ڀرسان ڏيوري لڳ ڳوٺ عارب رند ۾ زمين جي مالڪي تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي ٻنهي ڌرين کي علاج لاء ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ھڪ ڌر جا چار زخمي جنهن ۾ علي حسن ” الله ورايو ” اياز احمد ” دلاور رند ۽ ٻي ڌر جا زخمي جنهن ۾ غلام ياسين ” امتياز علي ” شڪيل احمد ” آصف علي رند شامل آھن .ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آھي ته وڌيڪ معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيون جانچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو