زمين جي تڪرار تان هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي چمڪني ۾ زمين جي تڪرار تان هڪ ئي خاندان جي 7 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته چمڪني ۾ مخالف ڌر گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين تي تڪرار تان پيش آيو، جنهن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو