خانپورمھر(ن س) زمين تي قبضي ۽ وڪرو ڪيل مينهن جا پئسا گهرڻ تان پوليس اهلڪار پاران تشدد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ٻن ڌرين ڌار ڌاراحتجاج ڪيو. لنڊ بازار جي رھواسي واپاري اصغر علي لنڊ ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو تہ مان ھڪ واپاري آھيان مون ھڪ مينھن پوليس اھلڪار شبير لنڊ کي ڏني هئي. جنھن مان 80 ھزار روپيا بقايا رقم رھيل ھئي، جيڪا گھرڻ تي جوابدار پوليس اھلڪار شبير احمد لنڊ پنھنجي پٽن سھيل لنڊ ء جميل سان گڏجي مونکي لٺيون هنيون آهن. اھڙي فرياد مون خانپورمھر ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪو قدم ناهي کنيو. ٻئي پاسي ڳوٺ ميرخان وسير جي رهواسي نوجوان نذير احمد وسير خانپورمهر پريس ڪلب پهچي پنهنجي چاچي شبير احمد وسير، سوٽن الهرکيو ۽ رشيد احمد وسير ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ديهه ڍانگرو سروي نمبر 107 ۾ هڪ ايڪڙ قبولي زمين آهي جنهن تي چاچي سوٽن ۽ چاچي جي سالي قبضو ڪري ورتو آهي. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گھوٽڪي، ڊي آء جي سکر۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين سان انصاف ڏنو وڃي.
معيشت جي بهتري لاءِ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙجڪ،اورنگزيب آئوٽ،ڊار اِن
سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو،وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين