زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

درياخان مري (ارباب مـري) تيتري شاخ تي مزدور پورھيت پاڪ ڪتاب کڻي عورتن سميت بااثر جي ظلمن خلاف احتجاج ڪري روڊ بند ڪيو درياخان مري پوليس پھچي روڊ کولرائي ورتو . پورھيت گل حسن کوسو پاڪ ڪتاب کڻي عورتن سميت تيتري شاخ اسٽاپ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪيو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته عبدالله پٽ خير محمد کوسو منھنجي زمين تي قبضو ڪري مون تي ڪوڙا ڪيس ڪيا آھن ۽ اسان جي عورتن کي گار گند ڪري ڌمڪيون ڏئي ويا آھن معزز ماڻھن وٽ فيصلا به ٿيل آھن پوء به بااثر اسان جي زمين تي قبضو ڪري رھيو آھي ھن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي اسـان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي درياخان مري پوليس چوڪي انچارج اي ايس آء سڪندر حاجاڻو مظاھرين وٽ پھچي روڊ کولرايو ۽ چيو ڪنھن به مسئلي جو حل روڊ بند ڪرڻ ناھي ھوندو اوھان سان ناجائزي ٿيل ھوندي اوھان سان انصاف ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو