زمين تان گڏاڻي برادري ۾ جهيڙو 5 زخمي، اين سي داخل، پوليس خاموش

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال ) ڳوٺ ڪنڊو تلاءَ ۾ گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڳوٺ  جي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.  متاثره ڌرجي ڳوٺاڻن فهد گڏاڻي،علي حسن گڏاڻي ۽ ٻين خانپورمهر ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي دعويٰ ڪئي ته جوابدار غلام نبي  گڏاڻي، امتياز گڏاڻي، شفيح محمد گڏاڻي، اعظم گڏاڻي  مير گڏاڻي ۽ ٻين اسان جي  ڳوٺ جي  زمين تي  هٿيارن جي زور تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدارن اسان جي گهرن تي حملا ڪري اسان جي 5 ڄڻن، عزيز الرحمان، حاجي خان، استاد صاحب خان، عبدالقدير۽علي گوھر گڏاڻي کي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري. متاثره ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو