زمين تان ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 10 زخمي 3 خطري ۾

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ شاھمورڏاھاڻي ۾ زمين جي معاملي تان ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران ڪھاڙين۽ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا ڏھ ماڻھو زخمي ٿي پيا. جنھن ۾ شبيراحمد، مختيار، الھڏنو، ۔شاھمراد، مارخان ڏاھاڻي ۽ ٻيازخمين ۾ شامل آھن. جڏھن ته زخمين کي ڳوٺاڻن جي مدد سان علاج لا۽ تنگواڻي اسپتال آندو ويو جنھن ۾ شبير احمد سميت ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. آخري اطلائن تائين ڪنھن به ڌر پاران ڪيس داخل نه ڪرايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو