انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر ملڪ ۾ زلزلي جي تباهي باوجود چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ترڪ صدر سان حڪمران پارٽي جي پارليامينٽ جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ طيب اردگان چيو ته حڪومت زلزلي جي آڙ ۾ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ جو نه سوچي رهي آهي.ترڪ صدر اعلان ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ 14 مئي جي تجويز ڪيل تاريخ حتمي آهي ۽ زلزلي باوجود چونڊون وقت تي ٿينديون.
