اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته زرعي آمدني تي ڪوبه وفاقي ٽيڪس نه لڳايو آهي نه ئي لڳايو ويندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ زراعت ۽ تعميراتي شعبي تي ٽيڪس جي حوالي سان پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي اسحاق ڊار چيو ته مون زراعت ۽ تعميراتي شعبي تي ٽيڪس جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏنو هو جنهن جو مقصد ان تاثر کي ختم ڪرڻ هو ته حڪومت زراعت ۽ تعميراتي شعبي تي نوان ٽيڪس لڳائيندي.اسحاق ڊار چيو ته منهنجي وضاحتي بيان جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي. جن ٽيڪس قدمن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهي اڳ ئي 30 جون تي سڄي ملڪ ۾ لڳايا ويا آهن. ان کان علاوه ڪوبه نئون ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي.ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان زرعي آمدني تي ڪوبه وفاقي ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي نه ئي وري لڳايو ويندو.
