اڳ ۾ نئون وزيراعظم ايندو پوءِ آئيني ترميم ٿيندي، بلاول

اسلام آباد (اياز مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار اعلان ڪيو آهي ته طبي بنيادن تي آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست اڱاري تي داخل ڪئي ويندي. پمز اسپتال ۾ والد سان ملاقات بعد ٻنهي ڀينرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته آصفه ڀٽو جي درخواست تي زرداري صاحب ضمانت جي درخواست جي اجازت ڏني. هن چيو ته سندس دل جي هڪ نس بلاڪ آهي ان جي تشخيص لاءِ اسين پراڻن ڊاڪٽرز جيڪي سندس علاج ڪندا رهيا آهن انهن جي راءِ ڄاڻڻ گهرون ٿا. هن چيو ته پمز اسلام آباد جا ڊاڪٽر به قابل آهن پر اسين ذاتي معالجن کان سيڪنڊ اوپينين وٺڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته آرمي چيف جي مدت بابت وڪيلن موجب آئيني ترميم جي ضرورت آهي پر سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي بعد اصل صورتحال واضح ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته  مان سمجهان ٿو ته جنهن طريقي سان ڪشمير سميت اڪثر مسئلن بابت وزيراعظم غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد به هن اپوزيشن کي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪئي ان مان ته لڳي ٿو ته هو سنجيده ناهي ۽ مونکي لڳي ٿو ته اڳ ۾ نئون وزيراعظم ايندو ۽ پوءِ آئيني ترميم ٿيندي.  هن وڌيڪ چيو ته سندن ڪردار مثبت هوندو پر حڪومت غير سنجيده آهي. فارين فنڊنگ بابت هن چيو ته اهو ڪيس صرف پي ٽي آءِ جو آهي اسانجو ڪو مسئلو ناهي. هن چيو ته حڪومت 3 مهينن ۾ درست نوٽيفڪيشن تيار نه ڪري سگهي 15 مهينن ۾ اسمبلي مان ڪو قانون منظور نه ڪري سگهي ته 6 مهينن ۾ آئيني ترميم ڪيئن ڪندا. هن چيو ته اسانجي عوامي رابطا مهم جاري آهي، يوم تاسيس جو جلسو ڪشمير ۾ رکيو جيڪو ڪامياب رهيو ۽ هاڻي بينظير شهيد جي ورسي 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڊان جي آفيس جي گهيراءَ جي مذمت ڪندي چيو ته هي ڦاشسٽ هٿڪنڊا آهن ان جي مذمت ڪريون ٿا. ياد رهي ته ڊان نيوز ٻاهران سفيد ڏاڙهي وارو همراهه ميگا فون تي اعلان ڪري رهيو هو ته ڊان نيوز پاڪستان ۽ فوج خلاف خبرون هلائي ملڪي مفاد جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ اسين ڊان کي اهڙي اجازت نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو