لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان ڏکڻ پنجاب جي مختلف ضلعن جي سياسي اڳواڻن ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ڏکڻ پنجاب جي مختلف ضلعن جي سياسي اڳواڻن بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي.صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ ڏکڻ پنجاب جي مختلف ضلعن جا سياسي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي ويا. رحيم يار خان، بهاولپور، مظفر ڳڙهه، راجن پور، بهنگر، ميانوالي، اوڪاڙه ۽ خانيوال جا سياسي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي ويا.صدر آصف زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙن جو استقبال ڪيو صدر آصف علي زرداري ۽ سياسي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات جي موقعي تي يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، مخدوم احمد محمود، رانا فاروق سعيد ۽ ٻيا موجود هئا. اڳوڻي ايم اين اي قطب فريد ڪوريجا، پي پي 265 مان رئيس اڪمل وارن، پي پي 279 مان سردار شمشير مزاري ۽ سيد قاسم علي شمسي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. پي پي 278 تان فريحا بتول، عبدالعزيز ڪالاڻي، پي پي 269 تان اڳوڻو ايم پي اي رسول بخش جتوئي ۽ پير جعفر مزمل شاهه پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا.پي پي 277 تان سردار الله وسايا چنو لغاري، پي پي 273 تان محمد علمدار عباس قريشي ۽ اين اي 179 تان ملڪ عبدالغفار پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. پي پي 209 تان مسز عطا قريشي، ياسر عطا قريشي، سيد جميل شاهه، سيد راشد شاهه ۽ شيخ دلشاد احمد پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا.سيد بلال مصطفيٰ، سيد تحسين نواز گردیزي، ميان علي حيدر وٽو، ميان سلمان ۽ ايوب محل پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. ميان امير حيدر وٽو، اياز خان، امجد خان نيازي، مزمل خان نيازي ۽ عمر مسعود فاروقي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا.
