رڪشا تي هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ قتل

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ڀرسان 2 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي چنگچي رڪشا مٿان فائرنگ نوجوان قتل ۽ رڪشا ڊرائيور زخمي ، شهر ڀرسان بگودڙو روڊ تي ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي شهر کان سامان کڻي ڳوٺ اڪبر مگسي ويندڙ رڪشي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ رڪشي تي ويٺل نوجوان عارف علي مگسي قتل ٿي ويو ۽ رڪشا ڊرائيور اصغر چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو هوڏانهن فوت ٿيل نوجوان جو لاش ڪافي وقت واقعي واري هنڌ پيل رهيو جيڪو بعد ۾ حد جي ٿاڻي قبوسعيد خان جي پوليس پنهنجي تحويل وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ قبوسعيد اسپتال کڻائي ويا، هوڏانهن واقعي واري علائقي ۾ نوجوان کي ڪارو ڪري مارڻ جا چوٻول آهن جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو