ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب جي 1 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب ريڪوڊڪ ۾ 1 بلين ڊالر تائين سيڙپڪاري ڪرڻ جي اميد رکي ٿو.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل جا شيئر سعودي عرب کي وڪرو ڪيا ويندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته سعودي عرب ايندڙ مهيني ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪميٽي جوڙيندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ توانائي واري وزارت جا آفيسر شامل هوندا.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي ۽ توانائي واري وزارت ڪميٽي جوڙڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي سمري موڪليندي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪميٽي جوڙڻ کانپوءِ ڪميٽي جا ميمبر حتمي ڳالهين لاءِ سعودي عرب روانا ٿيندا جتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سرڪاري معاهدو به ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو