اغوا ڄاڻايل ڇوڪرين کي عدالت وفاقي حڪومت جي حفاظت ۾ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اغوا ڄاڻايل ٻن نارين رينا ۽ روينا (ناديا ۽ آسيا) کي سندن مڙسن سوڌو وفاقي حڪومت جي حفاظتي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيوآهي ۽ ڪيس جي ڪاروائي ٻه اپريل تائين ملتوي ڪندي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. ٻئي ناريون ۽ سندن مڙس، انساني حقن جو ڊائريڪٽر۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ موجود هئا. چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقات کي چيو ته ڊي سي صاحب جيسين رپورٽ اچي تيسين هي اوهان جا مهمان آهن ۽ ايس پي سطح جي عورت پوليس آفيسر کي هنن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان جو اميج خراب ڪرڻ گهرن ٿيون، پاڪستان ۾ اقليتون مڪمل طور محفوظ آهن ۽ سندن حقن جي حفاظت ٿقيني بنائڻ عدالت جي ذميواري آهي. عدالت ٻنهي ڇوڪرين ۽ سندن مڙسن کي شيلٽر هوم موڪلي ڇڏيو. هڪ موقعي تي جج پڇو ته ڇوڪرين جي عمر ڇا آهي ته وڪيل چيو هڪ جي 20 سال آهي. درخواست ۾ چيوويو هو ته ايم اين اي رميش لال ۽ هري رام (ڇوڪرين جو والد) معاملي کي غلط رنگ ڏئي خبرون هلائن ٿا، کين روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو