روهڙي (رپورٽر عبدالقدوس مھر) روھڙي ويجھو جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش چنجڻ ۾ ڏهن ورهين جو ذاڪر حسين ولد شهمير چنجڻ گرڪڻو پيارو واھ ۾ ڪري فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته وارثن پاران ايريگيشن عملي مٿان الزام لڳايو ويو ته ايريگيشن عملدار ۽ بيلدار پئسن عيوض واھ مان مٽي کڻائي رهيا آهن جنهن جي ڪري واھ کوھ بڻجي ويو آهي انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايريگيشن عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا واھ ۾ ڪري فوت ٿي چڪا آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايريگيشن عملدارن خلاف نوٽيس وٺي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙن جي زندگي بچي سگهي










