روس پاران 50 يوڪريني فوجي مارڻ جي دعويٰ

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس ميزائيل حملي ۾ 2 يوڪريني جنرلز سميت 50 کان مٿي فوجي مار جڻ جي دعوا ڪئي آهي. روسي وزارت دفاع جو چوڻ آهي تهروسي فوج يوڪرين جي شهر ڪراما تورسڪ ۾ عارضي ڪمانڊ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل تعداد ۾ فوجي مارجي ويا آهن. ان حملي ۾ يوڪرين 12 فوجين جي مارجڻ ۽ 60 زخمين جي تصديق ڪئي هئي. ياد رهي ته 24 فيبروري 2022 تي روس يوڪرين تي حملو ڪيو هو ۽ تيزي سان اڳتي وڌندي ڪيترن ئي شهرن تي قبضو ڪيو هو. يوڪريني فوج کي جنگ ۾ وڏي ڪاميابي ان وقت ملي هئي جڏهن هنن روسي فوج کي خارڪيف کان پوئتي ڌڪيندي پسپائي تي مجبور ڪيو هو ۽ شهري تي يوڪرين جو ٻيهر ڪنٽرول يقيني بڻايو هو. هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ ۾ نيٽو ۽ امريڪا يوڪرين کي هر قسم جي مدد فراهم ڪن پيا. يوڪرين جي دعوا آهي ته هاڻي سندن ڪاميابي يقيني آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ روس جي نجي مليشيا صدر پيوٽن خلاف بغاوت ڪئي هئي پر فوري طور معاملو روسي صدر سنڀالي ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو